Lisaniyat (Sindhi)

لسانيات

لسانيات جي وصف، اهميت، افاديت ۽ ان جون شاخون

لسانيات جي وصف:

ٻوليءَ جي علم کي، لسانيات يا علم اللسان ((Linguistics چئبو آهي، جيڪو جديد علمن مان هڪ اهم علم آهي. لسانيات جي باري ۾ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنهنجي ڪتاب “سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس” ۾ لسانيات جي  وصف کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته،
“لسانيات انسان ذات جي سڀني ٻولين جي اڀياس ۽ ڇنڊ ڇاڻ جو علم آهي. هي اهو علم آهي، جو ٻولين جي آوازن، آوازي سِٽائن، آوازي ميلن ۽ ميڙن، صوتي، صرفي، نحوي ۽ معنوي اصولن ۽ علمن بابت مواد مهيا ڪري ٿو. مطلب ته ڪنهن به هڪ ٻوليءَ يا دنيا جي مختلف ٻولين جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سرشتي ۽ نظام کي علم اللسان يا لسانيات چئبو آهي.”
لسانيات يا علم اللسان جي اهميت ۽ افاديت:
جيئن ته لسانيات يا علم اللسان جو سڌو سنئون واسطو انسان ذات سان آهي، تنهن ڪري هي علم تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪلهه جي جديد دور ۾ هن علم کي سائنس جي حيثيت ڏيئي سموري دنيا جي اندر درسگاهن ۾ هن علم کي پڙهايو وڃي ٿو. انهن درسگاهن جي اندر هن علم جي مختلف پهلوئن کان تحقيق ڪرائي ان جا نتيجا عوام جي آڏو پڌرا ڪيا وڃن ٿا، ته جيئن عام ماڻهوءَ ۾ به ان علم جي حوالي سان شعور پيدا ٿئي. انهيءَ حوالي سان دنيا جي مختلف يونيورسٽين جي اندر لسانيات جا بين الاقومي ماهر گهرائي سيمينار ڪرايا ويندا آهن، جن ۾ لسانيات يا علم اللسان تي تحقيقي مواد پيش ڪري جامع روشني وڌي ويندي آهي ۽ ان علم جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ويندو آهي.
لسانيات يا علم اللسان جون شاخون:
لسانيات يا علم اللسان کي لسانيات جي ماهرن چئن شاخن ۾ ورهايو آهي، جيڪي هي آهن:
(1) علم صوتيات (Phonology)  
(2) علم صرفيات (Morphology)
(3) علم نحويات (Syntax)
(4) علم معنيات (Semantics)

(1) علم صوتيات (Phonology)
ڪنهن به ٻوليءَ جي آوازن جي علم کي، علم صوتيات (Phonology) چئبو آهي. آوازن مان صوتيا (Phonemes) ٺهن ٿا، انهن صوتين (Phonemes) جي علم کي صوتيات (Phonetics) چيو ويندو آهي. هن علم کي، علم صوتيات يا علم آواز جي هڪ شاخ چئي سگهجي ٿو.  صوت عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي “ آواز”. صوتيا، ڳالهائڻ واري زبان (Spoken Language) جا بنيادي ايڪا ٿيندا آهن. صوتيو آواز جو اهو ايڪو (Unit) آهي، جيڪو معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. صوتيات جي ذريعي ڳالهائڻ جي آوازن توڙي ڳالهائڻ جي ٻين جزن جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو.
علم صوتيات جي باري ۾ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنهنجي ڪتاب “ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس” ۾ بيان فرمائي ٿو ته،
“صوتيات اهو علم آهي، جنهن جو واسطو ڳالهائڻ جي عضون جي عمل  سان آهي. هن علم جي مدد سان اهو ڏيکاري يا سيکاري سگهجي ٿو ته ڪنهن به نئين يا خاص آواز جي اچار ڪرڻ وقت ڳالهائڻ جي عصون جي بيهڪ (Position) ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.”
علم صوتيات ذريعي اها خبر پوي ٿي ته ڪنهن آواز جي اچارڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا عضوا عمل ۾ اچن ٿا، حرڪت ڪن ٿا ۽ انهن جي عمل جو ڍنگ ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙي آواز جو مخرج (Point of articulation) ڪهڙو آهي.
(1) علم صرفيات (Morphology)
لفظن جي علم کي، علم صرفيات (Morphology) چئبو آهي.  هي اهو علم آهي، جنهن جي مدد سان ڪنهن به ٻوليءَ جي لفظن ۽ لفظن جي جزن جي جوڙجڪ، سٽاءَ ۽ گردانن جي خبر پوندي آهي. علم صرفيات (Morphology) جي باري ۾ لسانيات جو ماهر پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب پنهنجي “ڪتاب علم اللسان ۽ سنڌي زبان” ۾ هن طرح بيان فرمايو آهي ته،
“ لفظ اهو اچاريل ايڪو آهي، جو اڪيلي سر ٻوليءَ ۾ با معنيٰ  ۽ مستقل حيثيت رکي ٿو.”
ماهر لسانيات ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنهنجي ڪتاب “سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس” ۾ صرفيئي جي  وصف کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته،
“ڪا به اها خود مختيار صورت، جنهن کي ننڍي ۾ ننڍي معنيٰ دار جزي ۾ ٽوڙي نه سگهجي، اهڙي صورت کي وياڪرڻ ۾ صرفيو (Morpheme) چئبو آهي.
علم صرفيات (Morphology) جي باري ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب وڌيڪ هن طرح سان بيان فرمايو آهي ته،
علم صرفيات (Morphology) اهو علم آهي، جنهن جي مدد سان ڪنهن به ٻوليءَ جي لفظن ۽ انهن جي جزن جي جوڙجڪ، سٽاءَ ۽ بيهڪ جي خبر پوي ٿي. هن علم جي مدد سان ٻوليءَ جي ويا ڪرڻي مواد ۾ جيڪي خود مختيار صورتون (Free forms) يا پروس صورتون (Bound forms) هونديون، انهن جي استعمال جي خبر پوندي آهي.”
(3) علم نحويات (Syntax)
هن علم جي باري ۾ ٻوليءَ جو مشهور ماهر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب لکي ٿو ته،
“ اهو علم جنهن ۾ لفظن مان ٺهندڙ، لفظي ميڙن، فقرن ۽ جملن جي رچنا جو اڀياس ڪجي، تنهن کي علم نحويات چئبو آهي. ان ڪري هن علم کي واڪيا وگيان يا علم نحو (Syntax) چئبو آهي.
علم نحو جملن ۽ انهن جي جزن جي بناوت، سٽاءَ، نموني ۽ عمل سان بحث ڪري ٿو. جيئن ته جملا لفظن جو ميڙ آهن، ان ڪري جديد لسانيات ۾ “لفظ” کي علم نحو جو مرڪز بنايو ويو آهي. علم نحو لفظن جي صورتن ۽ جوڙجڪ سان بحث نٿو ڪري، پر لفظ ڪيئن ميڙ (Phrases)، فقرا (Clauses) ۽ جملا (Sentences) ٺاهين ٿا ۽ جملي اندر ڪهڙو ڪارج ڪن ٿا، اهو سارو بحث علم نحو (Syntax) جي دائري ۾ اچي وڃي ٿو.
       علم نحو (Syntax) جي باري پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب پنهنجي ڪتاب علم اللسان ۽ سنڌي زبان ۾ فرمائي ٿو ته،
“نحوي جوڙجڪ ۾ نه رڳو سڀ جزا هڪ ٻئي سان نه ٿا ملن، مگر انهن جون خاص جايون به مقرر هونديون آهن، جتي هو وارد ٿي سگهن ٿا. سنڌي اردو، هندي ۽ فارسي وغيره زبانن ۾ فاعل اڳ ۾ ۽ فعل پوءِ ايندو آهي. فاعل جون صفتون ان کان اڳ ۾ اينديون آهن ۽ مفعول فعل کان اڳ ۾ ايندا آهن. جڏهن ته عربي زبان ۾ اڪثر ڪري اڳ ۾ فعل پوءِ فاعل ۽ آخر ۾ مفعول ايندا آهن. انگريزي زبان ۾ اڳ ۾ فاعل پوءِ فعل ۽ آخر ۾ مفعول ايندا آهن. حرف جر ۽ حرف اضافت وارا لفظ سنڌيءَ ۾ اسمن ۽ ضميرن کان پوءِ ايندا آهن. مگر عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانن ۾ پهرين ايندا آهن. ائين لفظن جي ترتيب مختلف ٻولين جي جوڙجڪ ۾ ٻي ٻي آهي.”
(4) علم معنيات (Semantics)
معنيٰ ٻوليءَ جو روح آهي، ان کي لسانيات جي شاخ طور ته ويهين صديءَ ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي، پر هي موضوع تمام پراڻو آهي. جيڪو سقراط ۽ افلاطون جي دور کان شروع ٿئي ٿو. هر دور ۾ فلاسافرن ۽ مفڪرن جو خاص ڌيان معنوي پهلوءَ تي رهيو آهي. هن علم جي باري ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب هن طرح سان بيان فرمايو آهي ته،
“معنيٰ يا ارٿ (Content) ۾ ٻوليءَ جي اظهار واري طرف کي ڇڏي، باقي ڪائنات جون سڀ شيون، خيال، ڀاونائون ۽ صدين کان وٺي انسان ذات جا ڪٺا ڪيل آزمودا شامل آهن.”
ٻولي وڏي معنيٰ رکندڙ نظام آهي. هر نظام وانگر ان نظام جا به ٻه پهلو آهن، يعني ظاهري ۽ باطني پهلو. ظاهري پهلو آوازن سان تعلق رکي ٿو ۽ باطني پهلو معنائن سان وابسته آهي.

Comments

Popular posts from this blog

Urdu SMS About November Month November Ki Tanha Raton Mein

Essay Dignity Of Work